پاڪستان ٿيٽر فيسٽيول جي 15هين ڏينهن تي ٽريجيڊي ٿيٽر ڊرامو ”برسات“ سنڌي ٻولي ۾ پيش

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ جاري پاڪستان ٿيٽر فيسٽيول جي پندرهين ڏينهن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊرامو ”برسات“ پيش ڪيو ويو.

ڊرامي جو ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر علي روشن شيخ آهي جڏهن ته ڊرامي جي ڪاسٽ ۾ امجد گل سومرو، اعجاز علي چانڊيو، عاشق علي ۽ علي روشن شيخ شامل آهن.

ٿيٽر ”برسات“ هڪ انڌي بزرگ جي سچي ڪهاڻي تي ٻڌل هو، جيڪو پنهنجي گهر ۾ هڪ بزرگ پاڙيسري سان گڏ رهندو هو پر ٻارن جي زور ڀرڻ بعد هن گهر ۾ اڪيلو رهڻ کي ترجيح ڏني.

هن جو سڄو خاندان برسات شروع ٿيڻ ۽ ٻوڏ اچڻ کان اڳ محفوظ هنڌ ڏانهن لڏڻ جي تياري شروع ڪري ٿو. هن جو پاڙيسري بار بار اچي ٿو ۽ هن کي برسات ۽ ٻوڏ جي خوف کان جلد کان جلد ڳوٺ ڇڏڻ جي تاڪيد ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته سڀ ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن پر هن انڪار ڪيو ڇو ته هن کي گهر سان پيار آهي.

Read Previous

برطانيا ۾ سگريٽ تي پابندي جو امڪان

Read Next

سومي علي سلمان خان خلاف پوسٽ شيئر ڪري هٽائي ڇڏي

Most Popular