ورلڊ ڪپ ۾ ڪنهن تي نظر رکڻي آهي؟ گوتم گمڀير ٻڌائي ڇڏيو

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي بيٽسمين گوتم گمڀير ورلڊ ڪپ ۾ بهترين رانديگرن تي نظر رکڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

هڪ ڀارتي ٽي وي چينل تي گوتم گمڀير کان پڇيو ويو ته روهت شرما، ويرات ڪوهلي، ڊيوڊ وارنر، جو روٽ، بابر اعظم ۽ ٻين رانديگرن مان ڪير هن ورلڊ ڪپ ۾ ڏسندو؟

ان سوال تي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته بابر اعظم ۾ اهي سڀئي خوبيون آهن جن جي مدد سان هو هن ورلڊ ڪپ جو رخ تبديل ڪري سگهي ٿو.

هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته ويرات ڪوهلي، روهت شرما، ڊيوڊ وارنر، ڪين وليمسن جو روٽ آهي، پر بابر اعظم جو معيار مختلف آهي.

واضح رهي ته آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 5 آڪٽوبر کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي پهرين وارم اپ ميچ نيوزيلينڊ خلاف 29 سيپٽمبر تي حيدرآباد دکن ۾ کيڏندي.

Read Previous

سومي علي سلمان خان خلاف پوسٽ شيئر ڪري هٽائي ڇڏي

Read Next

شاهين ۽ انشا جو نئون سفر، شاهد آفريدي جي زال جي پوسٽ به سامهون اچي وئي

Most Popular