وڏي وزير جو سيف الله ڪينال جي ڍوري مائنر ۾ پاڻي ڇڏڻ جو حڪم

ڪراچي ؛ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سيف الله مگسي ڪئنال جي قبو سب ڊويزن جي ڍوري مائنر ۾ پاڻي کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي آبپاشي کاتي کي 48 ڪلاڪن اندر پاڻي ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي.

نگران وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪندي لاڳاپيل آبپاشي کاتي جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر امجد جتوئي چيو ته ڍوري مائنر واري علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ٻڌايو ته اهو غير معمولي مائنر آهي ۽ رڳو ربيع جي مند ۾ پاڻي ڏنو ويندو آھي باقي رڳو ڪجھھ پاڻي پيئڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آھي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تازو تيز برساتن دوران ڍوري مائنر ۾ پاڻي ڇڏيو ويو، ان ڪري علائقي جي هارين آر ڊي ٻڙي کان 30 تائين سارين جو فصل پوکيو آھي.

نگران وڏي وزير لاڳاپيل سپرنٽينڊنٽ انجنيئر کي هدايت ڪئي ته ڍوري مائنر ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن آر ڊي ٻڙي کان 30 جي مقامي هارين جو بيٺل فصل تباهه نه ٿئي. نگران وڏي وزير آبپاشي کاتي کي پاڻي جاري ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

سنڌ جي نگران وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي امتياز ساريو جي اڳواڻي ۾ اسمگل ٿيل ڪپڙن خلاف آپريشن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ڪسٽم، رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ٽيم ورڪ جا سٺا نتيجا نڪتا آهن. ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان ڪسٽم، رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ٽيم ضلعي ڏکڻ ۾ ڪپڙي جي مارڪيٽن تي ڇاپو هڻي 250 ملين رپين جو اسمگل ٿيل ڪپڙو هٿ ڪري ورتو آھي.

هن اميد ظاهر ڪئي ته اسٽريٽ ڪرمنلز، ڊرگ مافيا ۽ ذخيروڪندڙن خلاف ڪاررواين ۾ پڻ اهڙي ئي ٽيم ورڪ جو مظاهرو ڪيو ويندو.

Read Previous

شڪارپور پوليس جي ڪارروائي: کنڊ ۽ ڀاڻ سان ڀريل 11 ٽرڪ قبضي ۾ وٺي ڇڏيا

Read Next

شهدادپور ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس پنهنجي زال کي باهه ڏئي ڇڏي، جوابدار گرفتار

Most Popular