شھدادپور ۾ مڙس پنھنجي زال کي باھ ڏئي ڇڏي علائقي واسين عورت جي جان بچائي ورتي عورت سخت زخمي ڪيس داخل، جوابدار مڙس گرفتار.
شهدادپور شھر جي واپڊا روڊ جي رهواسي مير محمد چانڊيو پنهنجي زال نجمه کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي جي رقم وٺڻ جي بهاني موٽرسائيڪل تي کيس کڻي ٽنڊوآدم ويندي ڳوٺ مرتضيٰ رند ڀرسان ويران جاءِ تي کڻي سندس هٿ پير ٻڌي پيل گند ڪچري کي باھ ڏئي کيس باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو عورت جي دانهن ٻڌڻ تي علائقي واسين واقعي واري هنڌ پهچي عورت کي باھ مان ڪڍي سندس جي جان بچائي اطلاع تي پوليس سندس پٽ ۽ ڀاءُ کيس سخت زخمي حالت ۾ سمس اسپتال پهچايو.
شهدادپور پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار مڙس کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي ٻئي طرف ٻئي طرف ڊاڪٽرن ٻڌايو تہ عورت جو 20 سيڪڙو جسم سڙي متاثر ٿيو آھي زخمي عورت جلد ٺيڪ ٿي ويندي جنھن بعد وارث عورت کي گھرکڻائي ويا ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي تہ عورت کي سندس مڙس گھرو اڻبڻت تان تنگ اچي اھڙو قدم کنيو آھي