
سکر ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب سڙي زخمي ٿيل وڌيڪ 4 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ وڌي 8 ٿي ويو
3ڏينهن اڳ دڪان اندر سلينڊر ۾ گئس ڀرڻ دوران باهه لڳڻ بعد گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب نينگر سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا
چئن ڄڻن ٻه ڏينهن اڳ دم ڏنو هو، چئن ڄڻن اڄ دم ڏئي ڇڏيو، هڪ زخميءَ جو علاج هلندڙ آهي
فوتين ۾ چڪ واسي نينگر شهريار، سندس ڀاءُ اظهار ڀيو، جميل لنڊ، نعيم جمالي ۽ لياقت جمالي شامل آهن
امجد عرف پپو چنو، ڪامران سمون ۽ بابر انڙ به گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا