ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستانين کي محدود ويزا جاري ڪيا ويندا: ڀارتي ميڊيا

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني مداحن ۽ صحافين کي محدود ويزا جاري ڪيا ويندا.

ان حوالي سان ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جو چوڻ آهي ته پاڪستاني صحافين ۽ مداحن کي ڪيترا ويزا جاري ڪيا ويندا؟ ان حوالي سان اڃا تائين ڪا به خبر ناهي، پرڏيهي وزارت ۽ آءِ سي سي ويزائن جي انگ تي ڪم ڪري رهيا آهن.

بي سي سي آءِ چيو آهي ته ڪجهه پاڪستاني مداحن کي ورلڊ ڪپ ميچن لاءِ ويزا جاري ڪيا ويندا، پاڪستاني مداحن ۽ صحافين کي ڪيترن ئي شهرن جا ويزا جاري ڪيا ويندا.

ڀارتي ميڊيا موجب 2016ع ۾ ٿيندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي طرز تي هن ورلڊ ڪپ لاءِ به ويزا جاري ڪيا ويندا.

واضح رهي ته 2016 ۾ ڀارتي حڪومت پاڪستاني مداحن کي هڪ ميچ لاءِ 250 ويزا جاري ڪيا هئا.

Read Previous

عرب ملڪن سان اسرائيل جو معاهدو ناڪام ٿيندو: ايراني صدر

Read Next

ايشين گيمز: ٽينس، مرد ڊبلز ۾ پاڪستان جي ڪامياب شروعات

Most Popular