ايشين گيمز: ٽينس، مرد ڊبلز ۾ پاڪستان جي ڪامياب شروعات

پاڪستان ايشين گيمز ۾ ٽينس مقابلن جي مينز ڊبلز ۾ ڪاميابي سان شروعات ڪري ڇڏي آهي.

پهرين ميچ ۾ عقيل خان ۽ اعصام الحق جي جوڙي ڪامياب رهي هئي.

پاڪستان جي جوڙي مينز ڊبلز جي پهرئين رائونڊ ۾ ايسٽ تيمور جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.

عصام ۽ عقيل انتونيو مينڊس ۽ گوتريس فيريا کي 6.1، 6.0 تان شڪست ڏني.

ايشين گيمز ٽينس ۾ مينز ڊبلز جي ٻئي مرحلي ۾ پاڪستاني ٽيم جو مقابلو چائنيز تائپي سان ٿيندو.

Read Previous

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستانين کي محدود ويزا جاري ڪيا ويندا: ڀارتي ميڊيا

Read Next

ورلڊ ڪپ: قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ کي اڄ ڀارتي ويزائون جاري ٿيڻ جا چٽا امڪان

Most Popular