عرب ملڪن سان اسرائيل جو معاهدو ناڪام ٿيندو: ايراني صدر

ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته اسرائيل جو عرب ملڪن سان معاهدو ناڪام ٿيندو.

اها ڳالهه ايراني صدر ابراهيم رئيسي آمريڪي چينل کي انٽرويو ڏيندي چئي. ايراني صدر وڌيڪ چيو ته آمريڪي سرپرستي ۾ سعودي عرب سميت خليجي ملڪن سان اسرائيل جا لاڳاپا قائم ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام ٿينديون.

ان دوران ايراني صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان اهو نه چيو هو ته ايران ۾ گڏيل قومن جي ايٽمي انسپيڪٽرن جي تعیناتي نٿا چاهيون.

واضح رهي ته اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا 2020ع ۾ متحده عرب امارات، بحرين، سوڊان ۽ مراڪش طرفان آمريڪا طرفان سفارتي قدمن ذريعي قائم ڪيا ويا هئا.

Read Previous

سعودي عرب پاران هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت

Read Next

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستانين کي محدود ويزا جاري ڪيا ويندا: ڀارتي ميڊيا

Most Popular