ڪنگنا رناوت ڪڏهن شادي ڪندي؟ ڪي آر ڪي ٻڌائي ڇڏيو

ڀارتي فلمي مبصر ڪمال رشيد خان عرف آر ڪي ڀارتي اداڪارا ڪنگنا رناوت جي شادي بابت نئون انڪشاف ڪيو آهي.

ڪي آر ڪي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪنگنا رناوت ايندڙ سال شادي ڪندي.

هن لکيو ته اداڪارا ڪنگنا رناوت ڊسمبر 2023 ۾ هڪ بزنس مين سان مڱڻي ڪرڻ واري آهي.

ڪمال رشيد خان ڪنگنا رناوت کي شادي جي اڳڀرائي تي مبارڪباد ڏني ۽ لکيو ته اداڪارا اپريل 2024 ۾ شادي ڪندي.

ياد رهي ته ان کان اڳ ڪنگنا رناوت جي شادي جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي وئي هئي ته هو ڪڏهن به شادي نه ڪندا.

Read Previous

ايشين گيمز: ڪشمالا طلعت ۽ عثمان چند جي شوٽنگ ۾ سٺي شروعات

Read Next

پرينيتي چوپڙا ۽ راگھو چڍا شادي جون خوبصورت تصويرون شيئر ڪري ڇڏيون

Most Popular