پرينيتي چوپڙا ۽ راگھو چڍا شادي جون خوبصورت تصويرون شيئر ڪري ڇڏيون

بالي ووڊ جي مشهور نئين شادي شده اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ سياستدان راگھو چڍا شادي جون خوبصورت تصويرون شيئر ڪيون آهن.

پرينيتي چوپڙا ۽ راگھو چڌا شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن.

مشهور جوڙي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي پنهنجي شادي جا خوبصورت ۽ يادگار لمحا پنهنجي مداحن سان تصويرن جي صورت ۾ شيئر ڪيا.

پرينيتي ۽ راگھو هڪ گڏيل پوسٽ ۾ لڳ ڀڳ 7 تصويرون شيئر ڪيون آهن جن ۾ انهن کي موڙ وٺڻ ۽ ٻين رسمن کي انجام ڏيندي ڏٺو وڃي ٿو.

ياد رهي ته پرينيتي چوپڙا پنهنجي شادي تي هلڪي گولڊن رنگ جي شادي جي لباس ۽ خوبصورت سائي زيورن جي چونڊ ڪئي هئي.

Read Previous

ڪنگنا رناوت ڪڏهن شادي ڪندي؟ ڪي آر ڪي ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

ڪنڌڪوٽ، ڪچي ۾ راڪيٽ جو گولو ڦاٽڻ سبب ٻارن سميت 9 ڄڻا اجل جو شڪار

Most Popular