ايشين گيمز: ڪشمالا طلعت ۽ عثمان چند جي شوٽنگ ۾ سٺي شروعات

ڪشمالا طلعت ۽ عثمان چند ايشين گيمز جي شوٽنگ مقابلي ۾ سٺي شروعات ڪئي آهي.

ڪشمالا طلعت عورتن جي 25 ميٽر پستول جي پهرين ڏينهن تي 12 هين نمبر تي رهي] ڪشمالا 11 سينٽر آف ٽارگيٽ سان 289 پوائنٽون حاصل ڪيون.

ڪشمالا پهرين سيريز ۾ 96، ٻي ۾ 95 ۽ ٽئين ۾ 98 پوائنٽون حاصل ڪيون.

ٻئي طرف مردن جي اسڪيٽ ايونٽس ۾ عثمان چند پهرين ڏينهن تي ڏهين نمبر تي آهي، هن اسڪيٽ جي پهرين ڏينهن 75 مان 72 پوائنٽون حاصل ڪيون.

اسڪيٽ مقابلن ۾ عثمان صادق 17 هين ۽ امام هارون 34 هين نمبر تي آهي.

25ايم پستول ۾، ٻئي ڏينهن اربع تي تيز فائر مقابلو ٿيندو.

Read Previous

ڪپتان بابر اعظم ورلڊ ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم

Read Next

ڪنگنا رناوت ڪڏهن شادي ڪندي؟ ڪي آر ڪي ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular