مستونگ ۾ ڌماڪو، شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 52 ٿي ويو

مستونگ ۾ مسجد ويجهو الفلاح روڊ تي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 52 ٿي ويو، ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن

شهيد ٿيلن ۾ ڊي ايس پي نواز گشڪوري به شامل آهي، مستونگ جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر رشيد محمد سعيد 52 ڄڻا شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڌماڪو مدينه مسجد ويجهو ان وقت ٿيو جڏهن ماڻهو 12 ربيع الاول جي جلوس لاءِ گڏ ٿي رهيا هئا

ايس ايس پي مستونگ شعيب مسعود جو چوڻ آهي ته ڌماڪو آپگهاتي نوعيت جو لڳي ٿو، دهشتگردن جو ٽارگيٽ عيد ميلاد النبي ﷺ جو جلوس هو، مستونگ ۽ ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي

بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي ڌماڪي جي مذمت ڪندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پنهنجي بيان ۾ نگران وڏي وزير چيو ته تخريبڪار ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، پرامن جلوس کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگردن کي فولادي هٿن سان منهن ڏنو ويندو، سڄي صوبي ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي

Read Previous

سنڌ جو نگران وڏو وزير اوچتو پوليس اسٽيشن پهتو، رڪارڊ چيڪ

Read Next

سڪرنڊ: ماڙي جلباڻي ۾ 5 ڄڻن جي مارجڻ خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو

Most Popular