نگران وڏي وزير پاران ماڙي جلباڻي واقعو افسوسناڪ قرار، جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير ماڙي جلباڻي ۾ 5 ڄڻا مارجي وڃڻ واري واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

جاچ لاءِ جوڙيل 3 رڪني ڪميٽي ۾ ڪمشنر حيدرآباد، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ شامل آهن

ڪميٽي کي 4 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

نگران وڏي وزير پاران 5 ڳوٺاڻن جي مارجي وڃڻ تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي

وڏي وزير مقبول باقر کارادر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماڙي جلباڻي ۾ پيش آيل واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي

وڏي وزير چيو ته ڪميٽي جوڙي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چئن ڏينهن اندر رپورٽ اچي ويندي

Read Previous

سڪرنڊ: ماڙي جلباڻي ۾ 5 ڄڻن جي مارجڻ خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو

Read Next

افغانستان مان دهشتگردن جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ واري ڪوشش ناڪام، 4 جوان شهيد، 3 دهشتگرد به مارجي ويا

Most Popular