سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمودڏوهي قرار، رپورٽ پيش

ايف آءِ اي سائفر ڪيس جو چالان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي قصور وار قرار ڏنو ويو آهي

ايف آءِ اي طرفان پي ٽِي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي ٽرائل هلائي سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

ذريعن موجب ايف آءِ اي جي لسٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر جو نالو جوابدارطور شامل ناهي، چالان ۾ اعظم خان ايف آءِ اي جو مضبوط گواهه آهي، اعظم خان جو 161 ۽ 164 جو بيان چالان سان گڏ شامل آهي

چالان موجب پي ٽي آءِ چيئرمين سائيفر پاڻ وٽ رکيو ۽ اسٽيٽ سيڪريٽ جو غلط استعمال ڪيو، سائيفر ڪاپي پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ پهتي پر واپس نه ڪئي وئي

چالان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي جي 27 مارچ جي تقرير جا ٽرانسڪرپٽس به شامل آهن، 28 گواهن جا 161 جا بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد چالان سان گڏ لڳايا ويا

ايف آءِ اي 28 گواهن جي لسٽ چالان سان گڏ سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

ذريعن موجب ايف آءِ اي جي گواهن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد، اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري فيصل نياز ترمزي ۽ ٻيا شامل آهن

پي ٽِي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي سائفر گمشدگي ڪيس ۾ جڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ موجود آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي اوپن ڪورٽ ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو

Read Previous

هنگو ۾ جمعي نماز جي خطبي دوران ڌماڪو، 4 ڄڻا شهيد

Read Next

مستونگ ڌماڪي جو ڪيس داخل، معاوضي جو اعلان

Most Popular