مستونگ ڌماڪي جو ڪيس داخل، معاوضي جو اعلان

مستونگ ۾ آپگهاتي حملي واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، شهيدن جي وارثن کي معاوضو ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس ۾ قتل، اراده قتل ۽ دهشتگرديءَ سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن

بلوچستان جي نگران وڏي وزيرعلي مردان ڊومڪيءَ جي صدارت هيٺ مستونگ حملي بابت اجلاس ٿيو

آءِ جي بلوچستان عبدالخالق شيخ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ابتدائي شاهدين موجب ڌماڪو آپگهاتي هو، جنهن ۾ 6 کان 8 ڪلو ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو

نگران وڏي وزير چيو ته شهيدن جي وارثن کي معاوضو ادا ڪيو ويندو، اجلاس بعد نگران وڏي وزير ٽراما سينٽر ڪوئيٽا ۽ سي ايم ايڇ جو دورو ڪيو

نگران وڏي وزير پاران زخمين جي عيادت، زخمي کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت، گذريل ڏينهن مستونگ ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ ڊِي ايس پي نواز گشڪوري سميت 55 ڄڻا شهيد ۽ 60 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا

Read Previous

سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمودڏوهي قرار، رپورٽ پيش

Read Next

سٺ ميل ۾ آبادگارن جو هٿرادو وارا بندي خلاف ڌرڻو

Most Popular