ڪراچي: سنڌ ۾ 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ واري قانون تي عمل ڇو نه پيو ٿئي؟ 2013 ۾ منظور ڪيل قانون تحت هر نجي اسڪول يا تعليمي اداري کي 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻي آهي، هفتي اندر ٻارن جي مفت تعليم يقيني بڻائي رپورٽ پيش ڪيو
سنڌ جي نگران وڏي وزير سيڪريٽري تعليم کي خط لکي ڇڏيو، قانون تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي
وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته نجي اسڪول ۽ ٻيا تعليمي ادارا 2013 کان قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، هر نجي اسڪول ۾ 10 سيڪڙو ٻارن جي مفت تعليم يقيني بڻائي وڃي
نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر قانون تي عمل نه ڪندڙ نجي اسڪولن ۽ تعليمي ادارن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم پڻ ڏنو آهي