ڊيل اسٽين ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي 5 پسنديده بالرن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي فاسٽ بالر ڊيل اسٽين ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجا 5 پسنديده بالر ٻڌائي ڇڏيا آهن.

هڪ وڊيو بيان ۾ ڊيل اسٽين ڀارت جي محمد سراج، ڏکڻ آفريڪا جي ربادا ۽ پاڪستان جي شاهين شاهه آفريدي کي ڏسڻ لائق قرار ڏنو آهي.

نيوزيلينڊ جي ٽرينٽ بولٽ ۽ انگلينڊ جي مارڪ ووڊ کي به ڊيل اسٽين پسنديده بالر قرار ڏنو آهي.

ڊيل اسٽين جو چوڻ آهي ته شاهين شاهه آفريدي جي بالنگ روهت شرما ديهان کيڏندو.

هن چيو ته مارڪ ووڊ، شاهين شاهه آفريدي، ٽرينٽ بولٽ، محمد سراج ۽ ربادا ورلڊ ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا.

Read Previous

آسٽريلوي رانديگرن بابر اعظم کي ورلڊ اليون جي ٽاپ آرڊر ۾ شامل ڪري ڇڏيو

Read Next

گلوبل ميوزڪ ايوارڊز ۾ ميوزڪ پروڊيوسر شريف اعواڻ جي هيٽ ٽرڪ

Most Popular