گلوبل ميوزڪ ايوارڊز ۾ ميوزڪ پروڊيوسر شريف اعواڻ جي هيٽ ٽرڪ

پاڪستاني ميوزڪ پروڊيوسر شريف اعواڻ ڪيليفورنيا ۾ منعقد گلوبل ميوزڪ ايوارڊز (GMAs) ۾ ٽي گولڊ ايوارڊ کٽي هيٽ ٽرڪ ڪئي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستاني موسيقار کي هن سال جي گلوبل ميوزڪ ايوارڊز ۾ ’ميوزڪ ان ڪووڊ ٽائمز‘ تي گولڊ ايوارڊ سان نوازيو ويو.

شريف اعواڻ پاران تحبيح فائونڊيشن جي بينر هيٺ تيار ڪيل، ’ميوزڪ ان ڪووڊ ٽائمز‘ گلوبل ميوزڪ ايوارڊز ۾ تخليقيت/اصليت، بهترين البم ۽ بهترين پروڊيوسر جي ڪيٽيگريز ۾ گولڊ ايوارڊ ماڻيو.

ياد رهي ته ان کان اڳ 2016ع ۾ به هن گلوبل ميوزڪ ايوارڊز ۾ ’انڊس راگ- بيونڊ بارڊرز‘ لاءِ گولڊ ايوارڊ ماڻيو هو. هن جو چيو البم ان سال جي 10 بهترين البم ۾ شامل هو.

نه رڳو ايترو پر ميوزڪ پروڊيوسر شريف اعواڻ 2015ع ۾ رليز ٿيل البم ’انڊس راڳ‘ سان پاڪستان طرفان پهريون ڀيرو گريمي ايوارڊز ۾ شرڪت ڪري تاريخ رقم ڪئي.

Read Previous

ڊيل اسٽين ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي 5 پسنديده بالرن جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪلي پال ۽ نيما پال شاهه رخ خان جو انداز اختيار ڪيو

Most Popular