آسٽريلوي رانديگرن بابر اعظم کي ورلڊ اليون جي ٽاپ آرڊر ۾ شامل ڪري ڇڏيو

آسٽريلوي رانديگرن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي ورلڊ اليون جي ٽاپ آرڊر ۾ شامل ڪيو آهي.

ورلڊ اليون ۾ روهت شرما، ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ، ويرات ڪوهلي سان گڏ بابر اعظم کي به شامل ڪيو ويو آهي.

آسٽريلوي فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ جو چوڻ آهي ته بابر اعظم ٻين ٽاپ بيٽسمينن کان ننڍو آهي.

هن چيو ته بابر اعظم تيزيءَ سان ويرات ڪوهلي جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي، بابر اعظم ويرات ڪوهلي کان ڪجهه رنسون پوئتي آهي.

عثمان خواجا جو چوڻ آهي ته بابر اعظم جيڪڏهن سٺي لينٿ تي بالنگ ڪندو ته چوڪا لڳائيندو آهي ۽ هو اسپنرن کي به سٺي راند ڪندو آهي.

Read Previous

شاداب خان جي پڦي لاڏاڻو ڪري وئي

Read Next

ڊيل اسٽين ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي 5 پسنديده بالرن جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular