فيض آباد ڌرڻو ڪيس، ڌرين کي حقيقتون پيش ڪرڻ جو موقعو ڏئي رهيا آهيون: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي بابت نظرثاني ڪيس جي 28 سيپٽمبر تي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو فيصلو لکت ۾ جاري ڪيو جيڪو 4 صفحن تي ٻڌل آهي.

عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سمورين ڌرين کي فيض آباد ڌرڻي بابت حقيقتون پيش ڪرڻ جو هڪ ٻيو موقعو ڏئي رهيا آهيون. ڌريون ڪيس بابت حقيقتون حلفيه بيان ذريعي جمع ڪرائي سگهن ٿيون.

عدالتي حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪيس ۾ لکت ۾ جواب 27 آڪٽوبر تائين جمع ڪرايا وڃن ڪيس جي ٻڌڻي پهرين نومبر تي ٿيندي.

عدالتي حڪم نامي موجب اٽارني جنرل چيو ته دفاع واري وزارت پنهنجي نظرثاني درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي نٿي چاهي. آءِ بي، پيمرا ۽ پي ٽي آءِ به گڏيل درخواست ذريعي نظرثاني درخواستون واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي. جڏهن ته درخواستگذار شيخ رشيد نئون وڪيل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ مهلت جي استدعا ڪئي. درخواستگذار اعجازالحق فيصلي جي پيرا گراف نمبر 4 تي اعتراض اٿاريو ۽ ٻڌڻي دوران ڪيس بابت 4 سوال اٿاريا ويا.

حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪجهه درخواستگذارن جي غير حاضري تي انهن کي هڪ وڌيڪ موقو ڏنو وڃي ٿو. عدالت مشاهدو ڪيو ته ڪجهه ماڻهن عوامي سطح تي چيو ته انهن کي خبر آهي ته ڇا ٿيو هو، انهن ماڻهن جو چوڻ هو ته فيص آباد ڌرڻي ڪيس ۾ عدالت هنن جي نڪتي کي آڏو نه رکيو. فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي جي پيراگراف 17 جي تحت اهو موقف عدالت جي لاءِ حيران ڪندڙ آهي.

حڪم نامي موجب عدالت فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي ۾ چيو هو ڪا به متاثر ڌر اڳيان وڌي لکت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪري سگهي ٿي. اٽارني جنرل چيو ته فيض آباد ڌرڻو هڪ محدود وقت جي لاءِ هو ۽ ان جي اختيار کي وسيع نه ڪرڻ گهرجي. ڪابه ڌر يا ڪوبه شخص پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ ته 27 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي ڇڏي. جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

Read Previous

ڪراچي ۾ 50 ملين کان وڌيڪ ڊالر گهرن ۾ لڪائڻ جو انڪشاف

Read Next

سائفر ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي پيش ڪرڻ جو حڪم

Most Popular