پي ٽي آءِ جي صدر ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ کان پوءِ گهر نه پهچائڻ تي ڊي آءِ جي آپريشنز ۽ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن معافي گهري ورتي آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پرويز الاهي کي حفاظت سان گهر نه پهچائڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ڊي آءِ جي آپريشنز ۽ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي عدالت کان غير مشروط معافي گهري ورتي.
ٻنهي آفيسرن جواب ۾ چيو ته پرويز الاهي جي گرفتاري اسلام آباد پوليس جي طرفان ڪئي وئي ۽ اسلام آباد جي جوڊيشل مئجسٽريٽ پرويز الاهي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. پرويز الاهي جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه بدنيتي شامل نه آهي.
ياد رهي ته پرويز الاهي جي گهر واري قيصره الاهي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي آهي.