آپگهاتي ڌماڪي کانپوءِ ترڪي پوليس جي ڪارروائي، 90 ڄڻا گرفتار

ترڪي ۾ پوليس آچر جي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جي ڳولا لاءِ 18 صوبن ۾ ڪارروايون ڪيون.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪرد ويڙهاڪ گروپ سان تعلق جي شڪ ۾ 90 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ترڪي جي راڄڌاني انقره ۾ سرڪاري عمارتن جي ويجهو بم ڌماڪي جي ذميواري ڪرد ويڙهاڪن قبول ڪئي هئي.

آپگهاتي ڌماڪي ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٻيو حملي آور پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ مارجي ويو.

Read Previous

نيپال ۽ ڀارت ۾ سخت زلزلو

Read Next

انگلينڊ: آڪسفورڊ ويسٽ پلانٽ ۾ زبردست ڌماڪو

Most Popular