ارشد نديم ايشين گيمز تان هٿ کڻي ويو

ايشين گيمز ۾ پاڪستان جي ميڊل جي اميدن کي ڌڪ لڳي ويو، ارشد نديم ايشين گيمز مان دستبردار ٿي ويو.

ارشد نديم سڀاڻي جيولن ٿرو ايونٽس ۾ شرڪت ڪرڻ وارو هو، ايشين گيمز ۾ پاڪستان لاءِ ميڊل جي اميد آهي.

چيف ڊي مشن پاڪستان ايشين گيمز جو چوڻ آهي ته ارشد نديم گوڏي جي زخم ۾ مبتلا آهي.

پي او اي موجب ارشد نديم هنگزو پهچڻ بعد تڪليف جي شڪايت ڪئي، هو ورلڊ چيمپيئن شپ کان وٺي تڪليف ۾ هو، ارشد نديم جو 2 آڪٽوبر تي ايم آر آءِ ڪرايو ويو.

Read Previous

آمريڪا پاران پاڪستان ۾ آپگهاتي حملن جي مذمت، متاثر خاندانن سان تعزيت

Read Next

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ افتتاحي تقريب کان سواءِ شروع ٿيندو: ڀارتي ميڊيا

Most Popular