ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ افتتاحي تقريب کان سواءِ شروع ٿيندو: ڀارتي ميڊيا

ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ سي سي ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع 5 آڪٽوبر تي بنا ڪنهن افتتاحي تقريب جي شروع ٿيندو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 4 آڪٽوبر تي احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ورلڊ ڪپ 2023 جي رنگارنگ افتتاحي تقريب اوچتو ملتوي ڪئي وئي آهي.

ڀارت ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 5 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو جنهن ۾ پهرين ميچ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي.

ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا جو اهو به چوڻ آهي ته بي سي سي آءِ فائنل سيشن کان اڳ يا 14 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ ان حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.

Read Previous

ارشد نديم ايشين گيمز تان هٿ کڻي ويو

Read Next

پاڪستان ايشين گيمز ٽي 20 جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

Most Popular