آمريڪا پاران پاڪستان ۾ آپگهاتي حملن جي مذمت، متاثر خاندانن سان تعزيت

آمريڪا پاڪستان ۾ آپگهاتي حملن جي مذمت ڪندي مارجي ويلن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد حملن سبب پاڪستاني عوام تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.

واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستانين کي بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي عقيدي تي عمل ڪرڻ جو حق آهي.

هن چيو ته هو پنهنجن پيارن کي وڃائڻ وارن خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي خواهشمند آهي.

هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان گهڻ طرفي فورمن تي تعاون جاري آهي، جنهن ۾ دهشتگرد گروپن جي فهرست، عالمي حڪمت عملي ۽ ٻيا ڪيترائي معاملا شامل آهن.

ميٿيو ملر چيو ته سال جي شروعات ۾ گڏيل دهشتگردي جي خطرن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سرحدن جي سيڪيورٽي، دهشتگردن جي مالي مدد جهڙن معاملن تي تعاون جي حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

Read Previous

انگلينڊ: آڪسفورڊ ويسٽ پلانٽ ۾ زبردست ڌماڪو

Read Next

ارشد نديم ايشين گيمز تان هٿ کڻي ويو

Most Popular