غلام سرور چانڊيو ڪيس ۾ ”قمبر وارن“ جي چوڻ تي منهنجو نالو ڏنو ويو: نادر مگسي

شهدادڪوٽ: سنڌ جي اڳوڻي صوبائي مير نادر خان مگسي چيو آهي ته ميهڙ ويجهو مارجي ويل غلام سرور چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ ”قمبر وارن“ جي چوڻ تي منهنجو نالو ڏنو ويو

اڳوڻي صوبائي وزير مير نادر خان مگسي سول اسپتال شهدادڪوٽ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي

نادر مگسي چيو ته اُم رباب جي ڪڏهن شڪل به نه ڏٺي آهي، چانڊين جي چڱن مڙسن خلاف ام رباب جي ڪڏهن به مدد نه ڪئي آهي، تازو چانڊيا پاڻ ۾ وڙهيا ته هنن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ وارو هو، مون چڱن جو نالو ايف آءِ آر ۾ اچڻ نه ڏنو

مير نادر مگسي چيو ته قمبر وارن منهنجي خلاف رستو کوليو آهي ته هاڻي پاڻ به منهن ڏيندا، هنن کي خبر پئجي ويندي

ميهڙ ويجهو قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جي وارثن پاران ايف آءِ آر ۾ نادر مگسي جو نالو شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو

وارثن جي مطالبي باوجود پوليس ايف آءِ آر ۾ اڳوڻي صوبائي وزير جو نالو شامل نه ڪيو

Read Previous

قمر باجوه جو ٽيڪس رڪارڊ ليڪ ڪيس، صحافي ۽ ايف بي آر ملازم تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر

Read Next

ڪراچي ۾ غيرقانوني ترسيل ڪيترا افغاني گرفتار ٿيا: تفصيل جاري

Most Popular