اوٻاوڙو جي عدالت بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله شر کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس ثناءُ الله شر ۽ ٻين خلاف مقابلي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بعد کيس عدالت آڏو پيش ڪيو
ذريعن موجب ثناءُ الله شر کي گذريل ڏينهن ٻن عورتن سميت حراست ۾ ورتو ويو هو، ذريعن موجب ثناءُ الله شر پنهنجي گهر واري ۽ هڪ عزيز عورت سان گڏ ٽيڪسي ۾ سوار ٿي شڪارپور کان ڪراچي وڃي رهيو هو
شڪارپور جي ٽول پلازه وٽ پوليس کيس عورتن سميت حراست ۾ ورتو، ذريعن موجب گرفتار ڪيل ٻئي عورتون پوليس جي تحويل ۾ آهن
ان کان اڳ رائونتي جي ڪچي جي بدنام ڌاڙيل سوشل ميڊيا تي وائرل ڌاڙيل ثناءُ الله شر سميت 6 سڃاتل 2 اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان رائونتي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو
ٽائيم نيوز جي ذريعن موجب ته ڌاڙيل ثناءُ الله شر جو فون تي عورتن سان رابطو هوندو هو، جن سان هو ملڻ لاءِ پنهنجو روپ تبديل ڪري ڪچي کان پڪي پهتو