دادو: دادو ۾ فل فراءِ ڪيل فيصل آباد واسي محمد جبران جي قتل ڪيس ۾ ايس ايڇ او جوهي جي هڪ لک روپين عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي آهي
جوهي ٿاڻي جي اي ايس آءِ غلام قادر گوپانگ، اي ايس آءِ نظير پنهور، ايڇ سي دوست محمد، عبدالستار ، پوليس ڪانسٽيبل غلام مصطفيٰ، عمران علي ۽ الهبچايو ضمانت لاءِ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي
جوهي پوليس آگسٽ 2022 ۾ دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ مبينا مقابلي ۾ محمد جبران کي فل فراءِ ڪيو هو
عدالت جي حڪم تي آءِ جي سنڌ پوليس، انسپيڪٽر سراج لاشاري کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو هو
جاچ آفيسر سراج لاشاري طرفان مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏنو ويو، جنهن بعد ايس ايڇ او جوهي مصطفيٰ نور پٺاڻ ، اسلام آباد جي ايس ايڇ او ارشاد چيما سميت 11 اهلڪارن جا جوابدار طور ڪيس ۾ نالا شامل ڪيا ويا