شيما ڪرماڻي جو افغانين جي ملڪ بدري خلاف عدالت سان رابطو، رياست جي ڪمن ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون: عدالت

سنڌ هاءِ ڪورٽ: شيما ڪرماڻي سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن افغان شهرين جي بي دخلي خلاف عدالت سان رابطو ڪري ورتو

عدالت درخواست تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي نوٽيس جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

عدالت ريمارڪس ڏنا هت غير قانوني پرڏيھين کي بي دخل ڪرڻ رياست جي پاليسي آهي، عدالت مداخلت نٿي ڪري سگهي، درخواست قابل سماعت هجڻ تي پهريان دليل ڏنا وڃن

وڪيل ساره ملڪاڻي دليل ڏنا ته نگران صوبائي حڪومت پهرين آڪٽوبر تي افغان پناهگيرن کي بي دخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته حڪومت جي ان فيصلي سان درخواستگذار ڪيئن متاثر آھن؟ جنهن تي ساره ملڪاڻي ايڊووڪيٽ چيو ته ھي مفاد جي ڳالهه آهي، افغان پناهگيرن کي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪيو پيو وڃي

جسٽس امجد علي سهتو ريمارڪس ڏنا ته عدالت رياست جي پاليسي ۽ فيصلي ۾ ڪيئن مداخلت ڪري سگهي ٿي؟

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته اسان ڪنهن به حالت ۾ رياست جي پاليسي ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون، جيڪي ماڻهو پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي رهن ٿا انهن کي ملڪ بدر ڪيو پيو وڃي

وڪيل سارا ملڪاڻي چيو ته افغان پناهگيرن کي ٻڌڻ جو حق نه پيو ڏنو وڃي، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن، پاڪستان جو قانون شهرين جي حقن جو تحفظ ڪري ٿو

عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا پاڪستاني ويزا ختم ٿيڻ کان پوءِ سعودي عرب يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رهي سگهي ٿو؟، ويزا جي مدي کانپوءِ هڪ ڏينهن به ڪنهن ملڪ ۾ رهي نٿو سگهجي، پاڪستان ۾ غير قانوني ڪيئن رهي سگهي ٿو؟ عدالت

درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته پاڪستان جو قانون سڀني جي حقن جو تحفظ ڪري ٿو، عدالت چيو ته رياستي پاليسي ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهجي، درخواست جي قابل سماعت ٿيڻ لاءِ عدالت کي مطمئن ڪيو وڃي

عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي

Read Previous

بحريا ٽائون ڪراچي جي زمين جي سروي ڪرائڻ جو حڪم

Read Next

شهيد مرتضيٰ ڀٽو ڪيس ۾ جوابدار عدالت طلب

Most Popular