اسلام آباد : نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ افغان
اڳواڻن جي ڌمڪي جوڳن بيانن کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته
پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ ۾ غيرقانوني پناهگيرن جو هٿ آهي. اسلام آباد
۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ٻن ورهين ۾ سرحد
پار دهشتگردي سبب 2 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا. هن چيو ته
جڏهن افغانستان تي ڏکيا ڏينهن آيا پاڪستان سندن ڀرپور مدد ڪئي،
پاڪستان چاليهه لک افغان شهرين دل سان ڀيلڪار چيو. سندس چوڻ هو
ته پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا، مذهب، ثقافت ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل
آهن. انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان لکين افغان
پناهگيرن جي چئن ڏهاڪن تائين ميزباني ڪئي، رضاڪاراڻي طور
واپس ويندڙ افغان شهرين کي عزت ۽ احترام سان اماڻي رهيا آهيون.
نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته گذريل ٻن ورهين ۾ افغان سر زمين
تان دهشتگرد ڪاررواين ۾ اضافو ٿيو، پاڪستان دهشتگرد ڪاررواين
بابت معلومات افغان حڪومت کي فراهم ڪئي، پر افغان حڪومت
دهشتگردن خلاف ڪي به اثرائتا قدم نه کنيا. انوار الحق ڪاڪڙ جو
چوڻ هو ته ، افغان حڪومت طرفان هاڪاري جواب نه اچڻ تي معاملن
کي پاڻ ٺيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، افغان اڳواڻن جي بيانن بعد
دهشتگردي جي واقعن ۾ تيزي معنيٰ رکندڙ آهي، افغان حڪومت کي ٽي
ٽي پي يا پاڪستان مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. سندس
چوڻ هو ته افغانستان مان آمريڪا جي وڃڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ مسئلن کي
پاڪستان منهن ڏئي رهيو آهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ
جو چوڻ آهي ته پاڪستان لکين افغانين جي 4 ڏهاڪن تائين ميزباني
ڪئي، عبوري افغان حڪومت ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي وڌي
وئي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته، اميد هئي ته پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي
پي خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون، بدقسمتي سان افغان عبوري
حڪومت ٺهڻ کانپوءِ 60 سيڪڙو دهشتگردي ۾ واڌ ٿي. نگران
وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ
۾ گهڻو ڪردار غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين جو آهي، دهشتگرد
افغانستان جي سرزمين استعمال ڪندا آهن. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته
فلسطين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهڙو ڏوهه صدين ۾ به ناهي
ٿيو. نگران وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري
۾ اضافي جي اميد آهي. پارا چنار ۾ سرحد پار کان ڪارروائين بابت
سوال تي نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته ان حوالي سان صوبائي
حڪومت کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ڪنهن کي به هڪ انچ
حصي تي ڪارروائي جي اجازت نه ڏينداسين. ٽي ٽي پي خلاف افغان
سرزمين ۾ ڪارروائين بابت سوال تي انوار الحق چيو ته اسان کي اميد
آهي ته افغانستان جي عبوري حڪومت ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي
ڪندي، اِهو انهن جو به حق آهي ۽ اسان جو به . پريس ڪانفرنس
کانپوءِ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻول ڪندي نگران وزيراعظم
منهنجي مٿان ڪو به دٻاءُ نه آهي، آمريڪا يا ڪو ٻيو ملڪ دٻاءُ نٿو
وجهي سگهي، آمريڪي سفير سان ملاقات ۽ وڊيو ۾ نظر نه ايندس،
ڪجهه معاملا رياستي راز هوندا آهن. سريلنڪن ٽيم جي خراب
ڪارڪردگي تي بورڊ جي ايڪشن ۽ پي سي بي انتظاميا جي مدي ۾ واڌ
بابت سوال تي انوار الحق چيو ته اسان نٿا چاهيون ته ڪنهن ايڪشن
سبب ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تي اثر پوي، ٽن مهينن کانپوءِ
حڪومت اچي ويندي اِها ئي ڪرڪيٽ بورڊ جا معاملا ڏسندي.