اڳوڻي فوجي آفيسر عادل راجا جي گرفتاري جي خبرن جي ترديد

پاڪستاني ادارن خلاف مهم هلائڻ جي الزام هيٺ ڪورٽ مارشل ٿيل اڳوڻي فوجي آفيسر ۽ يوٽيوبر عادل راجا لنڊن ۾ پنهنجي گرفتاري جي ترديد ڪري ڇڏي

هڪ اخبار دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستاني ادارن خلاف مهم هلائڻ  جي الزام هيٺ  ميجر رٽائرڊ عادل راجا کي لنڊن مان گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتاري جي آزاداڻن ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي هئي

 آفيشل ايڪس هينڊل تي گرفتاريءَ جي ترديد ڪندڙ عادل راجا لکيو ته برطانوي پوليس طرفان  منهنجي گرفتاري توڙي پڇا ڳاڇا  جي جعلي خبر پاڪستاني ميڊيا يعني بليڪ ميلنگ  جي ڪاروبار  طرفان شايع ڪئي وئي، پاڪستاني خابرو اداري جي ساک کي بي نقاب ڪري ٿي

برطانوي پوليس به عادل راجه جي گرفتاري جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، ميٽرو پوليٽن پوليس ان حوالي سان وضاهت ڏيندي چيو ته عادل راجه کي لنڊن پوليس جي طرفان گرفتار ناهي ڪيو ويو

Read Previous

ڀارت ۾ سامونڊي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، عامر خان به ڦاسي پيو

Read Next

اداڪارا، ميزبان ۽ ڊائريڪٽر نوشين مسعود لاڏاڻو ڪري وئي

Most Popular