قائم علي شاهه جي ڀاڻيجي پاران پيپلزپارٽي ڇڏي نون ليگ ۾ شموليت جو اعلان

اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي ڀاڻيجي شهزاد شاهه جيلاني پيپلزپارٽي ڇڏي نون ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

شهزاد شاهه جيلاني نواز شريف سان ملاقات بعد نون ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

ڪراچي ۾ بشير ميمڻ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد شاهه جيلاني چيو ته ملڪي بحرانن کي رڳو نوازشريف ئي حل ڪري سگهي ٿو

بشير ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آهي، هن وقت سنڌ جي صورتحال رحم جوڳي آهي، سنڌ جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ اسان سمورين ڌرين وٽ وينداسين

Read Previous

بلاول پاران ذوالفقار ڀٽو بابت صدارتي ريفرنس جي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ جو مطالبو

Read Next

مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس، عدالت شعيب سڊل ۽ ٻين کي طلب ڪري ورتو

Most Popular