فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ڪيس جو فيصلو محفوظ، اعتراض باوجود جسٽس طارق جو بينچ کان ڌار ٿيڻ کان انڪار

سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سولينز جا ڪيس ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ اپيلن تي ٻڌڻي هلائي، ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي وڪيلن جسٽس سردار طارق مسعود تي اعتراض واري ڇڏيا

وڪيل لطيف کوسا جسٽس سردار طارق کي مخاطب ٿي چيو ته بينچ ۾ توهان جي موجودگي تي اعتراض اٿاريا ويا آهن، توهان پنهنجي نوٽ ۾ فوجي عدالتن تي راءِ ڏئي چڪا آهيو، جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته ڪنهن اعتراض ڪيو آهي؟

وڪيل سلمان اڪرم چيو ته درخواست گذار جواد ايس خواجا اعتراض ڪيو آهي، جسٽس طارق مسعود چيو ته مان بينچ کان الڳ نه ٿو ٿيان، ڇا ڪندئو، لطيف کوسا چيو ته اسان جي اعتراض باوجود توهان ويهي ڪيس ٻڌي رهيا آهيو

جسٽس طارق مسعود چيو ته ڇا بيهي ڪري ڪيس جي ٻڌڻي هلايون؟ ان موقعي تي اٽارني جنرل ڪاوڙ ۾ چيو ته جڏهن نوٽيس ناهي ته پوءِ اعتراض ڪيئن ٻڌي سگهجي ٿو؟ جنهن اعتراض ڪيو اهو پاڻ ته عدالت ۾ موجود نه آهي، بهتر اهو آهي ته بينچ پهرين اپيلن تي ٻڌڻي شروع ڪري

وڪيل اعتزاز احسن روسٽرم تي اچي چيو ته اعتراض تي فيصلو پهرين ٿيڻ گهرجي ته توهان کي بينچ ۾ ويهڻو آهي يا نه، جسٽس سردار طارق چيو ته مان نه ٿو ڪيان ٻڌڻيءَ کان انڪار اڳتي وڌو

جسٽس سردار طارق مسعود رمارڪس ۾ چيو ته جن ماڻهن ڪالهه پاڪ فوج جا 23 جوان ماريا انهن سولينز جو ٽرائل هاڻي ڪهڙي قانون تحت ٿيندو؟

وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان کي جڏهن ٻڌو ويندو ته انهن سوالن جا تسلي جوڳا جواب ڏينداسين، بنيادي حقن کي آئين ۾ تحفظ ڏنو ويو آهي

جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته هڪ ته بنيادي حق خبر ناهي ته اسان کي ڪيڏانهن وٺي ويندا، عدالت ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

Read Previous

مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس، عدالت شعيب سڊل ۽ ٻين کي طلب ڪري ورتو

Read Next

ڊي آءِ خان ۾ دهشتگرديءَ واري واقعي پاڪستان کي 10 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو: بلاول ڀٽو

Most Popular