ڪنڊيارو (رپورٽر) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ مهرو ميتلو ۾ عورت مبينا قتل، وارثن طرفان ڌرڻو هنيو ويو، ڳوٺ مهرو ميتلو ۾ عورت مبينا طور قتل ٿي وئي، وارثن ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو
ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته اسان جون ٻه نياڻيون ريما ۽ وسيمان کي اغوا ڪيو ويو هو، عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ تي حملو ڪيو ويو
مقتولا عورت جي وارثن چيو ته رند ڌر جي ماڻهن حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ راڻي ميتلو مارجي وئي
الهه وسايو جو چوڻ هو ته جهان خان رند ۽ ٻين اسان جي راڻي ميتلو کي قتل ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي
جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين