بلوچستان جي علائقي آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا
ان سلسلي ۾ آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آوارن جي مشڪئي واري علائقي ۾ دهشتگرن جي موجودگي واري اطلاع تي سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو
آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، وڏي پيماني تي هٿيار ۽ گولا بارود هٿ، دهشتگردن جو ٺڪاڻو تباهه، علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي