تنگواڻي: پوليس پاران ڪچي مان نينگر ۽ پورهيت نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

تنگواڻي (رپورٽر) پوليس پاران ڪچي مان نينگر ۽ پورهيت نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور جو چوڻ آهي ته جمال جي ڪچي واري علائقي مان غلام الرسول بکراڻي ۽ منصور پٺاڻ کي بازياب ڪرايو ويو آهي

ايس ايس پي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن جي نتيجي ۾ پورهيت ۽ نينگر جي بازيابي عمل ۾ آئي آهي

ذريعن موجب 50 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نينگر ۽ نوجوان کي راڄوڻي ذريعي بازياب ڪرايو ويو آهي

Read Previous

بلاول تهذيب ۾ رهي گفتگو ڪري، هُن کي جواب نه ڏيڻ پارٽي پاليسي آهي:نواز ليگ ترجمان

Read Next

ميرپورخاص ۾ پيءُ خلاف ڌيءَ سان زيادتي جو ڪيس داخل، گرفتار

Most Popular