سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا جو مقصد مايوسي پکيڙڻ آهي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا جو مقصد بي يقيني، ڏڦيڙ ۽ مايوسي پکيڙڻ آهي

اسلام آباد ۾ نيشنل يوٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته نوجوانن کي پنهنجي وطن، قوم ۽ تهذيب توڙي تمدن تي اعتماد هئڻ گهرجي

هن چيو ته سوشل ميڊيا جي خبرن جي جاچ ضروري آهي، تحقيق ۽ مثبت سوچ کان بغير معاشرو ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهي ٿو

آرمي چيف چيو ته اسان جي فوج هر قسم جي خطري ۽ سازش خلاف هردم تيار آهي، پاڪستان آهي ته اسان آهيون، پاڪستان ناهي ته اسان ڪجهه به ناهيون

آرمي چيف چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو

Read Previous

نواز شريف بيڪ ڊور سان چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: بلاول ڀٽو

Read Next

پولنگ ڪمري ۾ ڪو به سيڪيورٽي اهلڪار داخل نه ٿيندو، ضرورت پوڻ تي رينجرز ويندي: گهرو وزير

Most Popular