پولنگ ڪمري ۾ ڪو به سيڪيورٽي اهلڪار داخل نه ٿيندو، ضرورت پوڻ تي رينجرز ويندي: گهرو وزير

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي نگران گهرو وزير بريگيڊئير (ر) حارث نواز چيو آهي ته پولنگ بوٿ واري ڪمري ۾ ڪو به سيڪيورٽي اهلڪار داخل نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته رينجرز اهلڪار اندر ويندا.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران گهرو وزير چيو ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي اسان ساڻن سهڪار ڪري رهيا آهيون، چونڊن دوران هٿيارن جي نمائش تي بندش هوندي، پوليس به پولنگ اسٽيشنز ٻاهران مقرر هوندي جڏهن ته عورتن جي پولنگ بوٿ تي ليڊي هيلٿ وزيٽرز چونڊ ڊيوٽي سرانجام ڏينديون.
هن چيو ته فول پروف سسٽم جوڙيو ويندو ته جيئن اليڪشن ۾ ڪا به ڏکيائي پيش نه اچي، حڪومت پوليس، رينجرز ۽ اسڪولن لاءِ پئسا رليز ڪري ڇڏيا، ڪنهن به ڊپارٽمينٽ ۾ فنڊز جي کوٽ ناهي.
سندس چوڻ هو ته هٿيار پولنگ اسٽيشن ٻاهران هوندا، رينجرز ۽ پوليس اهلڪار پولنگ اسٽيشن ٻاهران مقرر هوندا، اندر رڳو پولنگ عملو هوندو، جيڪڏهن ضرورت پئي ته رينجرز ايندي.
گهرو وزير ٻڌايو ته 5954 نارمل پولنگ اسٽيشن آهن، حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن جو انگ ٻارنهن هزار کان وڌيڪ آهي، سيڪيورٽي تي هڪ لک 22 هزار اهلڪار هوندا، فوج جا 1984 جوان سيڪيورٽي تي هوندا جڏهن ته اينٽي ڪرپشن، ٻيلي کاتي، ايف سي ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز کان به خدمتون ورتيون وينديون، نگران وڏي وزير سمورن ادارن کي بجيٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي.
هن چيو ته اسان کي سيڪيورٽي ٿريٽ آهن، امن امان کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا آهن، اسان جي ڪوشش آهي شفاف ۽ غيرجانبدار اليڪشن ٿئي، جيڪو هارائي ان کي وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻ کپي.

Read Previous

سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا جو مقصد مايوسي پکيڙڻ آهي: آرمي چيف

Read Next

چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ مودي سرڪار جو مسلمانن خلاف نئون پلان

Most Popular