پ پ سنڌ تي قبضو ڪري چڪي آھي، انھن جي وڏن پاڪستان ورھايو ھو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پ پ سنڌ تي قبضو ڪري چڪي آھي، انھن جي وڏن پاڪستان ورھايو ھو

ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  پ پ سنڌ تي قبضو ڪري چڪي  آھي، انھن جي وڏن پاڪستان  ورھايو ھو، اسان جي ڪارڪنن کي قتل ڪيو پيو وڃي

ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته سھراب ڳوٺ، مڇر ڪالوني ۽  ناظم آباد ۾ اسانجي ڪارڪنن کي قتل ڪيو ويو، ڊاڪٽر عاصم جي چوڻ تي ھٿياربندن اچي حملو ڪيو

مصطفيٰ ڪمال چيو ته ھر ڀيري ايم ڪيو ايم جي مرڻ واري  ڪارڪنن کي ئي ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو ، اسانجي ڪارڪنن جھنڊا لاھڻ کان روڪيو ته انھن تي حملي لاءِ ھٿياربند پھتا، پوليس اتي موجود ھئي

Read Previous

فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ ٽُٽي پئي

Read Next

ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي ۾ ڇڪتاڻ: مصطفيٰ ڪمال سري عام ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: سعيد غني

Most Popular