اسلام آباد: مهانگائي سٽيل عوام مٿان وڌيڪ بجلي بم ڪيرائڻ جي تياري ڪئي وئي آهي
بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين نيپرا ۾ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2023ع جي ٽه ماهي ايڊجسمينٽ جي مد ۾ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ ملڪ جي لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي
درخواست ۾ ڪيپسٽي چارجز جي مد ۾ 75 ارب 14 ڪروڙ رپين جي وصولي ۽ نقصانن جي مد ۾ 10 ارب 82 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي
بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي درخواست تي ٻڌڻي 14 فيبروري تي ٿيندي، درخواست جي منظوري بعد بجلي صارفين تي 81 ارب 50 ڪروڙ رپين جو وڌيڪ بار منتقل ٿيڻ جو امڪان آهي