تحريڪ انصاف 5 فيبروري تي انٽراپارٽي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف 5 فيبروري تي انٽراپارٽي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي فيڊرل اليڪشن ڪمشنر رئوف حسين پاران انٽرا پارٽي چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي

 شيڊول موجب اڄ اليڪشن ڪرائڻ وارن هنڌن ۽ اپيليٽ ٽربيونلز جو اعلان ڪيو ويندو، اڄ ۽ سڀاڻي چونڊ وڙهڻ جا خواهشمند اميدوار نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري سگهندا

پي ٽي آءِ فيڊرل اليڪشن ڪمشنر رئوف حسين موجب 2 فيبروري تائين اميدوار نامزدگي فارم جمع ڪرائي سگهندا، 5 فيبروري سومر ڏينهن انٽرا پارٽي چونڊن جي پولنگ ٿيندي

 اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽراپارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيندي بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺي ڇڏيو هو، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي ٻيهر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم به ڏنو هو

Read Previous

سانگهڙ ۽ ڪشمور ۾ پيپلزپارٽي اميدوارن کان ڳوٺاڻن جو پڇاڻو

Read Next

عمران خان ۽ شاهه محمود جي ڪري پاڪستان کي سنگين معاشي اثرن جو منهن ڏسڻو پيو: سائيفر ڪيس جو تفصيلي فيصلو

Most Popular