عمران خان ۽ شاهه محمود جي ڪري پاڪستان کي سنگين معاشي اثرن جو منهن ڏسڻو پيو: سائيفر ڪيس جو تفصيلي فيصلو

پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي ڪري پاڪستان کي سنگين معاشي، سفارتي ۽ سياسي اثرن جو منهن ڏسڻو پيو: سائيفر ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري  ڪيو ويو

سائيفر ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته پراسيڪيوشن سمورا شڪ شبها ختم ڪندي ڪيس کي ثابت ڪيو، پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي ڄاڻي واڻي پنهنجن قدمن سان اها صورتحال پيدا ڪئي، پي ٽي آءِ جو باني ۽ شاهه محمود قريشي ڏوهاري قرار ٿين ٿا

 تفصيلي فيصلي موجب پراسيڪيوشن جي دليلن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته حساس معلومات کي ڳجهو رکڻ جي ذميواري وزيراعظم تي لاڳو ٿئي ٿي، آئين وزيراعظم مان ذميوار رويي جي توقع ڪري ٿو

فيصلي موجب آئين وزيراعظم کي اهڙي ڪنهن به قدم کان روڪي ٿو جنهن سان پاڪستان جي مفادن کي نقصان پهچي، پي ٽي آءِ جي باني وزيراعظم طور آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ سان گڏو گڏ پنهنجي حلف جي به ڀڃڪڙي ڪئي، هن سائيفر جي ڪاپي گم ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو، جيڪا بطور وزيراعظم هن جي ذميواري هئي

تفصيلي فيصلي موجب پراسيڪيوشن دليل پيش ڪيا ته شاهدين مان واضح آهي ته پي ٽي آءِ باني شاهه محمود قريشي سان گڏجي پاڪستان جي بين الاقوامي ساک کي نقصان پهچايو

Read Previous

تحريڪ انصاف 5 فيبروري تي انٽراپارٽي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

پنجاب ۾ نمونيا سبب صورتحال خراب، 8 ڏينهن دوران 100 کان وڌيڪ ٻار فوت

Most Popular