پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف عدت دوران نڪاح واري ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو
جڊيشل ماجسٽريٽ قدرت الله اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي دوران محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندو، فيصلو ٻڌائڻ وقت پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي عدالت آڏو پيش ڪيو ويندو
بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا 25 نومبر تي ڪيس داخل ڪرائيندي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تي عدت دوران نڪاح ۽ ناجائز لاڳاپن جا الزام لڳايا هئا
عدالت فرد جرم لاڳو ڪندي ناجائز لاڳاپن جو الزام ختم ڪري ڇڏيو هو، بشريٰ بي بي الزامن جي ترديد ڪندي چيو هو ته هن عدت جو مدو ختم ٿيڻ بعد ئي ٻيو نڪاح ڪيو هو