پي بي 21 ۾ رتوڇاڻ جي واقعي بعد ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ روڪڻ جو حڪم

 اليڪشن ڪميشن پي بي 21 ۾ رتوڇاڻ جي واقعي بعد ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

آر او آفيس ۾ پيش آيل واقعي جي جاچ لاءِ 4 رڪني فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اليڪشن ڪمشنر بلوچستان، ڊي آر او حب، اليڪشن ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر لا شامل آهن

اليڪشن ڪميشن موجب جاچ ڪميٽي آر او آفيس ۾ هٿياربندن جي داخل ٿيڻ واري معاملي جو پتو لڳائيندي، پي بي 21 جي غير سرڪاري نتيجن موجب بي اي پي اميدوار محمد صالح  ڀوتاڻي ڪامياب ٿيو هو

ٻئي نمبر تي نيشنل پارٽي جو رجب رند ۽ ٽئين نمبر تي پيپلزپارٽي جو اميدوار علي حسن آيو هو

 پ پ اميدوار 14 هزار 120 ووٽ کنيا هئا، پ پ اميدوار علي حسن 39 پولنگ اسٽيشنز تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو

Read Previous

چونڊ نتيجا رد، اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان، نواز ليگ کي اپوزيشن ۾ ويهڻ جي دعوت ڏيان ٿو: فضل الرحمان

Read Next

فوج دفاعي مقصدن لاءِ ڏنل زمين تي شادي هالز ۽ ٻيا ڌنڌا شروع ڪري ڏنا آهن: سپريم ڪورٽ

Most Popular