اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت دعويٰ ڪئي آهي ته رات يارهين وڳي تائين آصف علي زرداري رابطو ڪندو رهيو، آصف علي زرداري وچ وارن ماڻهن ذريعي مون سان رابطو ڪيو، پيپلزپارٽي اهو پيغام ڏنو آهي ته اسان جي ترجيح نواز ليگ بدران پي ٽي آءِ آهي
اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته پيپلزپارٽي اهو اشارو ڏنو آهي ته جيڪي توهان جون سيٽون آهن اهي توهان ڀلي قانوني طريقي سان واپس وٺو، پيپلزپارٽي کي ان تي اعتراض نه هوندو
هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني واضح ڪري چڪو آهي ته مينڊيٽ چوري ڪندڙن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، نئين اڳڀرائي بابت سڀاڻي پي ٽي آءِ باني کي آگاهه ڪندس
پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي شير افضل مروت جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته آصف زرداري پي ٽي آءِ سان ڪو به رابطو نه ڪيو آهي، شير افضل مروت سنجيده قسم جو شخص نه آهي، سندس دعويٰ ٻاراڻي آهي