
پي ٽي آءِ وارن کان ڪير پُڇي ته ساڻن ڪنهن رابطو ڪيو آهي؟ ڪڏهن چون ٿا پ پ سان رابطي ۾ آهيون، وري چون ٿا رابطو ناهي، پوءِ وري چون ٿا نواز ليگ سان رابطو نه ڪيو ويندو
نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بيانن تي ردعمل ۾ چيو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا حڪومت ٺاهيندا، پوءِ ٺاهي ڏيکاريو، پي ٽي آءِ جتي چونڊون کٽيون، اُتي فارم 45 صحيح ۽ اليڪشن ڪميشن کي شاباس، پر جتي هارايو، اُتي اليڪشن ڪميشن جو گهيراءُ ڪيو
پي ٽي آءِ وارن جي اها ڪهڙي دماغي حالت آهي؟ 9 مئي واقعن جا ماسٽر مائينڊ سدائين ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ فساد چاهين ٿا