ملڪ جون ناڪام ۽ انوکيون چونڊون ٿيون آهن نتيجن تي گوگل به پريشان آهي: شاهد خاقان

ڪراچي: (رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جون ناڪام ۽ انوکيون چونڊون ٿيون آهن. نتيجن تي گوگل به پريشان آهي. جيڪو وڌيڪ ڪمپرومائيز ڪندو اهو اقتدار ۾ ايندو.

احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته هي ناڪام چونڊون آهن هر ماڻهو اقتدار جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته مون کي ملي وڃي. جيڪو وڌيڪ ڪمپرومائيز ڪندو اهوئي اقتدا ۾ ايندو.

شاهد خاقان وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪمال آهي ته فارم 47 پهريان ٺهي ويو هو مان سمجهان ٿو ته فارم 47 فارم 45 کان کٽي ويو هي انوکي چونڊ هئي. گوگل به پريشان آهي ته نتيجا ڪهڙا آيا آهن. چوٿين حڪومت به اچي رهي آهي. اميد آهي ته حڪومت جلد بڻجي ويندي. واعدو ڪيو ويو آهي ته نيب جي اداري کي ختم ڪيو ويندو. اها خبر وٺڻ گهرجي ته ووٽ مليو ڪنهن کي آهي. مون چونڊون ڪرائڻ جو ڪڏهن به نه چيو آهي. مان اهو چوندو رهيس ته اڳيان جو رستو ٺاهڻ کان سواءِ چونڊون ڪرايون ويون ته انتشار پکڙجندو. ملڪ جي مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. انتشار جي سياست کي ختم ٿيڻ گهرجي.

ان کان اڳ احتساب عدالت جي آڏو پي ايس او ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي 20 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

لياقت چٺه منهنجو ويجهو دوست آهي، ڪافي وقت کان ذهني مسئلن جو شڪار آهي: راڻا ثناءُالله

Read Next

راولپنڊي جو ڪمشنر ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ڌانڌلي جا الزام رد ڪري ڇڏيا

Most Popular