راولپنڊي جو ڪمشنر ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ڌانڌلي جا الزام رد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته راولپنڊي جي ڪمشنر چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت ڪوڙ ڳالهايو آهي مان اهڙن الزامن جي ترديد ڪريان ٿو.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته منهنجي راولپنڊي جي ڪمشنر سان چونڊن جي معاملي تي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي هن منهنجي نالي تي ڪوڙ ڳالهايو آهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن راولپنڊي جي ڪمشنر طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر يا اليڪشن ڪميشن تي لڳايل الزامن جي سختي سان ترديد ڪري ٿو ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن به عهديدار چونڊ نتيجن جي تبديلي لاءِ راولپنڊي جي ڪمشنر کي ڪڏهن به ڪي به هدايتون جاري نه ڪيون آهن.

سڪندر سلطان راجا وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ڊويزن جو ڪمشنر نه ته ڊي آر او، آر او يا پرزائيڊنگ آفيسر هوندو آهي ۽ نه ئي اليڪشن جي ڪنڊڪٽ ۾ انهي جو ڪو سڌو سنئون ڪردار هوندو آهي پر اليڪشن ڪميشن انهي معاملي جي جلد کان جلد جاچ ڪرائيندو. سڪندر راجا چيو ته راولپنڊي جي ڪمشنر سان جولاءِ 2023 ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ان کان پوءِ ان سان هڪ ڀيرو رابطو راولپنڊي جا نتيجا اچڻ کان پوءِ ٿيو هو. ان کان پوءِ شام جو ان جي فون آئي هن کي ڪجهه ڳالهائڻو هو پر چونڊن تي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي هئي.

Read Previous

ملڪ جون ناڪام ۽ انوکيون چونڊون ٿيون آهن نتيجن تي گوگل به پريشان آهي: شاهد خاقان

Read Next

مون تي ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙ ثبوت به پيش ڪن: چيف جسٽس

Most Popular