لياقت چٺه منهنجو ويجهو دوست آهي، ڪافي وقت کان ذهني مسئلن جو شڪار آهي: راڻا ثناءُالله

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو آهي ته لياقت علي چٺه منهنجي ويجهن دوستن ۾ شامل آهي، کيس چڱي ريت سڃاڻان ٿو، هو ڪافي وقت کان ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي.

نجي چينل سان ڳالهين دوران راولپنڊي جي ڊپٽي ڪمشنر جي الزامن تي رد عمل ڏيندي راڻا ثناءُالله چيو ته لياقت علي چٺه ڪافي وقت کان منهنجي ذاتي دوستن ۾ شامل آهي. اهڙي ڪابه ڳالهه ٿئي ها ته هو مون کي ضرور ٻڌائي ها. لياقت علي چٺه سان ذهني مسئلو ڪافي وقت کان آهي. ڇو ته آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ذهني طور تي صحيح نه هوندو آهي ان لاءِ شايد ان جو علاج به هلي رهيو هو.

راڻا ثناءُالله چيو ته مسلم ليگ(ن) جي 12 صوبائي ۽ 6 قومي سيٽن طرف بعد ۾ وڃو پهريان لياقت علي جي ذهني صحت جو علاج ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن لياقت علي جي ذهني حالت صحيح آهي ته ان کي گواهه جي طور تي پيش ڪيو وڃي.

Read Previous

ڏهرڪي ۾ هزاره ايڪسپريس جو مسافر ٽرين مان ڪري فوت

Read Next

ملڪ جون ناڪام ۽ انوکيون چونڊون ٿيون آهن نتيجن تي گوگل به پريشان آهي: شاهد خاقان

Most Popular