
پيپلزپارٽي پنجاب جي گورنر لاءِ 3 نالا شارٽ لسٽ ڪري ڇڏيا، مخدوم احمد محمود، قمر الزمان ڪائرا ۽ نديم افضل چن گورنر پنجاب جي ڊوڙ ۾ شامل آهن
ذريعن موجب مخدوم احمد محمود گورنر پنجاب طور پهرين ترجيح هوندو، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ وچ ۾ گذريل ڏينهن طئي ٿيل پاور شيئرنگ فارمولا تحت آصف زرداري صدر ۽ شهباز شريف وزيراعظم هوندو
ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر نواز ليگ جو ۽ ڊپٽي اسپيڪر پيپلزپارٽي جو هوندو
سينيٽ جو چيئرمين پيپلزپارٽي جو ۽ ڊپٽي چيئرمين نواز ليگ جو هوندو، بلوچستان ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي گڏيل حڪومت قائم ٿيندي
وڏو وزير پيپلزپارٽي جو هوندو، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ گورنر پيپلزپارٽي جا هوندا، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ نواز ليگ جا گورنر لڳايا ويندا